سنڌ بئنڪ لميٽڊ

سنڌ بئنڪ لميٽڊ

سنڌ بئنڪ لميٽڊ

سنڌ بئنڪ لميٽڊ: سنڌ بئنڪ جو قيام پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت دوران ڊسمبر 2010ع ڌاري اسٽيٽ بئنڪ جي نوٽيفڪيشن ذريعي عمل ۾ آيو. سنڌ بئنڪ ۾ ڪنزيومر بئنڪنگ کان سواءِ قرض ۽ بچت جون اسڪيمون جاري آهن. هن بئنڪ جي خاص پراڊڪشن ۾ شاگردن لاءِ قرض، زرعي قرض، بينظير زرعي ڪارڊ ۽ ويسٽرن يونين ذريعي رقم جي منتقليءَ جون سهولتون شامل آهن.
سنڌ بئنڪ جون شاخون سنڌ جي سمورن ضلعن سميت ملڪ جي ٻين صوبن: پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ قائم ڪيون ويون آهن. هن وقت ملڪ جي 80 مختلف شهرن ۾ سنڌ بئنڪ جون 160 شاخون قائم آهن، جڏهن ته 40 وڌيڪ شاخن جي کولڻ جو ڪم جاري آهي. سنڌ بئنڪ جو موجوده پريزيڊنٽ/ سي. اي. او محمد بلال شيخ آهي، جڏهن ته چيئرمئن سنڌ جو چيف سيڪريٽري (محمد اعجاز چوڌري) آهي. بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس ۾ چيئرمئن ۽ پريزيڊنٽ سميت عارف احمد خان (ايڊيشنل چيف سيڪريٽري)، سهيل احمد راجپوت (سيڪريٽري فنانس)، افضل غني، محمد شاهد مرتضيٰ ۽ محمد نعيم سهگل شامل آهن، جن مان بلال شيخ، سهيل خان، افضل غني، شاهد مرتضيٰ ۽ نعيم سهگل، بئنڪ جي مختلف ڪميٽين: هيومن رسورس ڪميٽي، رسڪ مئنيجمينٽ ڪميٽي، آڊٽ ڪميٽي، آءِ. ٽي ڪميٽي ۽ ايگزيڪيوٽوِ ڪميٽيءَ جا ميمبر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو